ڪراچي پريس ڪلب جي سنڌي ٻولي ڪلاس قابلِ تحسين قدم

*ڪراچي پريس ڪلب جي سنڌي ٻولي ڪلاس قابلِ تحسين قدم*
*تحرير: جاويد صديقي، جرنلسٽ ڪراچي*
ڪراچي پريس ڪلب پاران ٽن مهينن تي مشتمل سنڌي ٻولي سکڻ جي پروگرام جو اهتمام هڪ نهايت ئي قابلِ تحسين ۽ ساراهه جوڳو قدم آهي. مان، جاويد صديقي جرنلسٽ ڪراچي، هن علمي ۽ لساني ڪاوش کي دل جي گهراين سان ساراهيان ٿو، ڇاڪاڻ تہ هن ڪلاس ذريعي صحافي برادري کي سنڌي ٻولي سکڻ، سمجهڻ ۽ ھن جي بنيادي اصولن کان واقف ٿيڻ جو بهترين موقعو مليو آهي. بحيثيت شاگرد، مان پنهنجي محترم استاد ڊاڪٽر قاسم راجپر صاحب جو دل سان ٿورائتو آهيان، جن جي علمي، ادبي ۽ تدريسي ڪاوشن جي ڪري اسان کي سنڌي ٻولي سکڻ ۽ ھن جي خوبصورتي کي سمجهڻ ۾ وڏي مدد ملي رهي آهي. ساڳئي طرح ڪلاس جي ڪوآرڊينيٽر جناب جاويد مهر صاحب پڻ پنهنجي ذميواري نهايت سهڻي نموني نڀائي رهيا آهن. انهن ٻنهي معزز شخصيتن جي محنت، خلوص ۽ مستقل مزاجي جا مثبت نتيجا هاڻي نمايان ٿيڻ لڳا آهن. سنڌي ٻولي صرف هڪ ٻولي نه، پر سنڌ جي صدين پراڻي تاريخ، تهذيب، ثقافت، ادب، رواداري ۽ صوفي روايتن جي پڻ اهم سڃاڻپ آهي. ڪراچي جهڙي گهڻ لساني ۽ گهڻ ثقافتي شهر ۾ مختلف ٻولين سان تعلق رکندڙ ماڻهن جو سنڌي ٻولي سکڻ باهمي احترام، محبت، ڀائيچاري ۽ سماجي هم آهنگي کي وڌيڪ هٿي ڏئي سگهي ٿو. مان بحيثيت شاگرد ۽ ممبر ڪراچي پريس ڪلب جي انتظاميا، خاص طور تي صدر ۽ سيڪريٽري ڪراچي پريس ڪلب کي هن بهترين علمي ۽ لساني پروگرام جي انعقاد تي دل جي گهراين سان خراجِ تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙا پروگرام صحافي برادري جي علمي ۽ پيشورانه تربيت سان گڏ مختلف ٻولين، ثقافتن ۽ روايتن کي سمجهڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. اميد آهي ته ڪراچي پريس ڪلب مستقبل ۾ به سنڌي ٻولي سميت ٻين علمي، ادبي ۽ تربيتي پروگرامن جو سلسلو جاري رکندو، جيئن صحافي برادري کي سکڻ، سمجهڻ ۽ پنهنجي صلاحيتن کي وڌيڪ نکارڻ جا موقعا حاصل ٿيندا رهن. سنڌي ٻولي سکو، سنڌ کي سمجهو، محبت ۽ ڀائيچاري کي فروغ ڏيو۔..!!



